علي احمد جمالي

علي احمد جمالي

علي احمد جمالي

علي احمد جمالي: ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو ناليوارو ڪمپيئر ۽ استاد، علي احمد جمالي، پهرين جنوري 1956ع ۾ ڏيئِي، تعلقي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين ۾ حاجي فتح خان جماليءَ جي گهر پيدا ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. 1973ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊي باگي مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1975ع ۾ اسلاميه ڪاليج بدين مان انٽر ڪيائين. 1977ع ۾ بي اي ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ڄام شوري مان ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. کيس 1973ع ۾ ناليواري براڊڪاسٽر سرور بلوچ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ٻارڙن لاءِ نشر ٿيندڙ پروگرام ۾ متعارف ڪرايو. هي 17 سال ٻارن جي پروگرام جو ڪمپيئر رهيو.
ان کان سواءِ پروگرام سڳنڌ، صبح مهراڻ، اوهان جي فرمائش، يونيورسٽي ميگزين، سرهي سانجهه، لوچين سي لهن، اوهان جو خط پهتو.پورهيتن لاءِ، جهڙن مشهور پروگرامن جي ڪمپئرنگ ڪيائين. هن ريڊيو جي مختلف پروگرامن لاءِ سنڌ جي ناليوارن فنڪارن جا انٽرويو ورتا، جن ۾ استاد محمد ابراهيم، استاد محمد جمن، استاد محمد يوسف، روبينا قريشي، زرينا بلوچ، امينا، زيب النساءَ، مائي نور بانو، مائي الهه وسائي، وحيد علي، قمر سومرو، صادق علي، فيروز گل، رجب علي، دين محمد دمساز، ثمينه ڪنول، فوزيا سومرو، تاج مستاني، رحمان مغل، (سرمد سنڌي) ڦوٽو زرداري ۽ انور حسين وسطڙي سميت ٻيا فنڪار شامل آهن. سندس ورتل انٽرويو اڄ به ريڊيو حيدرآباد جي ميوزڪ لائبرريءَ ۾ موجود آهن.
علي احمد جمالي پاڪستان پيپلز پارٽي ڪلچرل ونگ ضلعي بدين جو چيئرمين رهيو. ان کان علاوه سنڌ گريجوئيشن ايسوسيئيشن جو ميمبر ۽ لاڙ ڪلچرل سوسائٽيءَ جو ميمبر ۽ آڊيو وڊيو آفيسر به رهيو. کيس مڃتا طور بيشمار اوارڊن ۽ سرٽيفڪيٽن سان نواز يو ويو. پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن پاران صوبائي ايڪسيلينس اوارڊ کان سواءِ سچل اوارڊ، مرزا قليچ بيگ اوارڊ، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اوارڊ ۽ مولوي حاجي احمد ملاح اوارڊ وغيره شامل آهن.
هي گورنمينٽ هاءِ اسڪول بدين ۾ ڊرائنگ ٽيچر هو، جتان کيس 1996ع ۾ جبري طور رٽائر ڪيو ويو. هن وقت حيدرآباد ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.01.01  عيسوي

ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو ناليوارو ڪمپيئر ۽ استاد، علي احمد جمالي، پهرين جنوري 1956ع ۾ ڏيئِي، تعلقي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين ۾ حاجي فتح خان جماليءَ جي گهر پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الهه بخش جنجهڻ
شازيه عطا مري
ڀَلو ڳاھو
فاطمه ڀٽو
جمعو مُلون
هوش محمد شيدي
جتوئي عبدالغفار ڊاڪٽر
الھبچايو راھوڪڙو
راڻي لاڏي
صالح ميمڻ ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون